ڪنڌڪوٽ ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار فائرنگ ڪري گهرواري کي قتل ڪري ڇڏيو

Kandhkot

ڪنڌڪوٽ ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار فائرنگ ڪري گهرواري کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ نواب بنگوار ۾ جوابدار حليم ڀنگوار ڪارنهن الزام بندوق جا فائر ڪري گهرواري مسمات ظميران ڀنگوار کي قتل ڪري لاش گم ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.

 پوليس موجب اطلاع ملڻ بعد واقعي واري هنڌ پهچي عورت جي لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهيون.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*