ايم ڪيو ايم بهادر گروپ جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سياست جو تعين ڪندي

khalid maqbool sidiqui

ايم ڪيو ايم بهادر گروپ جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سياست جو تعين ڪندي، ڪامران ٽسوري چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جو مستقبل آئين ۽ قانون ۾ آهن،  ڏسون ٿا ته آئين ۽ قانون ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو.

اليڪشن ڪميشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر شپ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جي موجودگي سبب سيڪيورٽي اهلڪارن ڪارڪنن کي اندر اچڻ کان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته مين گيٽ  به بند ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ڪارڪنن پاران احتجاج ڪيو ويو، ڪارڪن چيو ته درخواست ۾ اسان به ڌر آهيون، اسان کي به اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

ايم ڪيو ايم بهادر گروپ جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم اهڙي تنظيم بڻجندي، جيڪا پاڪستان جي سياست جو تعين ڪندي.

خالد مقبول صديقي چيو ته مسئلو ڪنوينيئر شپ جو نه پر اصولن جو آهي، اميد آهي ته اليڪسن ڪميشن اڄ ئي فيصلو ڏيندي،

فروغ نسيم چيو ته منهنجي دل ۾ فاروق ستار لاءِ اڄ به ساڳي عزت آهي، خبر ناهي فاروق ستار ميڊيا تي اهڙِيون ڳالهيون ڇو پيو ڪري،

فروغ نسيم چيو ته فاروق ستار جي لاءِ اسان سڀني جي دلين محبت  آهي. ڪ

هوڏانهن امران ٽسوري چيو ته ايم ڪيو ايم جو مستقبل آئين ۽ قانون ۾ آهي،  ڏسون ٿا ته آئين ۽ قانون ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*