نواز ليگ اڳواڻ نهال هاشمي جي نااهلي بعد خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي پنجاب اسيمبلي ۾ چونڊ لاءِ پولنگ عمل جاري آهي

nihal hasmi

نواز ليگ اڳواڻ نهال هاشمي جي نااهلي بعد خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي پنجاب اسيمبلي ۾ چونڊ لاءِ پولنگ عمل جاري آهي، راڻا ثناءُ الله به پنهنجو ووٽ ڏئي ڇڏيو آهي.

حڪمران پارٽي مسلم ليگ ن جي نااهل سينيٽر نهال هاشمي جي خالي سيٽ تي پولنگ پنجاب اسيمبلي ۾ جاري آهي.

سينيٽ اليڪشن جي لاءِ پنجاب اسيمبلي جي ايوان کي پولنگ اسٽيشن قرار ڏنو ويو آهي جتي ڪنهن به ميمبر کي موبائل فون کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي.

 سيٽ تي آزاد اميدوار ڊاڪٽر اسد ۽ تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر زرقا جي وچ ۾ مقابلو  ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پ پ سيٽ تي پولنگ ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.

صبح جو 9 وڳي شروع ٿيل پولنگ بنا ڪنهن وقفي جي شام جو 4 وڳي تائين جاري رهندي ۽ پولنگ دوران پنجاب اسيمبلي جي اسٽاف جي ايوان ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي.

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله به پنهنجو ووٽ ادا ڪيو، جڏهن ته قاف ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر خديجا فاروقي به ووٽ ڏيڻ لاءِ پهتي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*