سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هندو برادري پاران اڄ هولي جو تهوار ڀرپور نموني ملهايو پيو وڃي

holi

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هندو برادري پاران اڄ هولي جو تهوار ڀرپور نموني ملهايو پيو وڃي، هندو برادري جا نوجوان توڙي وڏا هڪٻئي تي رنگ هڻي خوشي جو اظهار ڪرڻ کان علاوه خاص پوڄا پاٽ ڪري رهيا آهن.

ٺٽي ۽ مڪلي تي هندو برادري هولي جي ڏهاڙي کي ڀرپور نموني سان ملهائي رهي آهي، ان حوالي سان خاص تقريبون رٿيل آهن، نوجوان هڪٻئي تي رنگ هاري خوشي جي ڏهاڙي کي ملهائي رهيا آهن.

مختلف مندرن ۾ پوڄا پاٽ ڪري دعائون گهريون پيو وڃن.

ٺٽي جي سول  سوسائٽي ۽ نوجوانن پڻ يڪجهتي طور  هڪٻئي کي رنگ هڻي هولي جو ڏينهن ملهايو.

 سجاول ۾ به هندو برادري جا نوجوان توڙي بزرگ هڪٻئي تي رنگ هاري هولي جو تهوار ملهائي رهيا آهن، جڏهن تي هڪٻئي کي گلي سان لڳائي هولي جي تهوار جي مبارڪباد ڏئي رهيا آهن.

نوجوانن طرفان ٽولين جي شڪل ۾ گهٽين ۾ نڪري موسيقي تي رقص ڪري خوشي جواظهار ڪيو پيو وڃي.

ٿاڻي بولاخان ۽ ان جي ڀروارن علائقن ٿاڻي احمد خان، ٿاڻي عارب خان ۽ ڪوهستان جي ٻين علائقن ۾ به هندو برادري پاران هولي جو تهوار ڀرپور نموني سان ملهايو پيو وڃي.

مٺي ۽ ان جي ڀروارن علائقن ۾پڻ هندو برادري طرفان هڪٻئي تي رنگ هڻي رنگن ڀريو تهوار هولي ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*