شام جي علائقي غوطه ۾ فوج جي بمباري ۾ مارجي ويلن جو انگ 600 کان وڌي ويو، جنگبندي باوجود متاثر علائقي مان لڏپلاڻ نه ٿي سگهي

sham

شام جي علائقي غوطه ۾ فوج جي بمباري ۾ مارجي ويلن جو انگ 600 کان وڌي ويو، جنگبندي باوجود متاثر علائقي مان لڏپلاڻ نه ٿي سگهي، گڏيل قومن چيو آهي ته جنگبندي جو مقرر ڪيل وقت گهٽ آهي، غوطه ۾ امدادي ٽيمون به نه پهچي سگهيون.

 گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل گذريل هفتي شام اندر هڪ مهيني لاءِ جنگبندي جو ٺهراءَ منظور ڪيو هو، جنهن بعد روس غوطه واري علائقي ۾ روزانو 5 ڪلاڪ جنگبندي جو اعلان ڪيو هو.

 ميڊيا رپورٽس موجب ماسڪو جي اعلان تي عمل يقيني نه بڻجي سگهيو هو ۽ سرڪاري فورسز پاران بمباري جو سلسلو جاري رهيو.

 ميڊيا ۾ آيل تازين خبرن موجب غوطه ۾ جنگبندي بابت گڏيل قومن جو ٺهراءَ ڪارگر ثابت نه ٿي سگهيو آهي ۽ گڏيل قومن جون ٽيمون علائقي اندر امدادي سامان پهچائڻ کان قاصر آهن.

گڏيل قومن چيو آهي ته روس پاران اعلان ڪيل جنگ بندي وارو وقت گهٽ آهي.

 گڏيل قومن ۾ مقرر نائب آمريڪي سفير ڪيلي ڪُري چيو آهي ته روس، شام ۽ ايران گڏيل قومن جي ٺهراءَ جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جنيوا ۾پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ماسڪو شام اندر جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ تي رضامند آهي.

 هن وڌيڪ چيو ته دهشتگرد جيڪڏهن غوطه وارو علائقو خالي ڪري وڃڻ چاهن ٿا ته کين ان تي ڪو اعتراض نه هوندو.

  شام ۾ گذريل 10 ڏينهن جي ويڙهه دوران 600 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*