سنڌ هاءِ ڪورٽ سينٽرل جيل ڪراچي مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊپٽي جيل سرنٽينڊنٽ جي ضمانت واري درخواستن جي ٻڌڻي 8 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

sindh high

سنڌ هاءِ ڪورٽ سينٽرل جيل ڪراچي مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊپٽي جيل سرنٽينڊنٽ جي ضمانت واري درخواستن جي ٻڌڻي 8 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ فهيم انوار ۽ ڊپٽي جيل سرنٽينڊنٽ عبدالرحمان شيخ جي ضمانت واري درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي وئي، ايس ايس پي سي ٽي ڊي پيش ٿيو.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي جنيد احمد شيخ عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪيس جي جاچ آفيسر کي معطل ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته جاچ آفيسر جوابدارن بابت عدالت کي گهمراهه ڪيو.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي عدالت کي اپيل ڪندي چيو ته نئين جاچ آفيسر ۽ پروگريسو رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.

عدالت ايس ايس پي سي ٽي ڊي کي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 8 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*