ڪوٽڙي ۾ڳوٺاڻن طرفان جهرڪ پوليس ۽ علائقي جي بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

kotri-map

ڪوٽڙي ۾ڳوٺاڻن طرفان جهرڪ پوليس ۽ علائقي جي بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڀوتو مڪان جي ڳوٺ محرم خاصخيلي جي رهواسين صابو خاصخيلي، شبيرخاصخيلي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان اهتجاجي مطاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته جھرڪ پوليس بااثر غلام قادر پليجو جي چرچ تي سندن ڳوٺن تي چڙھايون ڪري رھي آھي.

هنن وڌيڪ چيو ته غلام قادر پليجو کين ڳوٺ مان لڏائي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو.

 ھنن جو چوڻ هو ته جھرڪ پوليس ڳوٺ تي چڙھائي ڪري عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ  بعد گھرن مان سونا زيور کڻي وئي آھي.

 ھنن مطالبو ته معاملي جو نوٽيس وٺي  کين  انصاف فراھم ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*