اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ خلاف شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

ISB-high-Court-181016

اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ خلاف شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ٻڌڻي 5 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ اليڪسن ايڪٽ خلاف شيخ رشيد جي درخوات تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل هڪ رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو وڪيل پيش نه ٿي سگهيو.

عدالت اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هائيڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته هر پارٽِي ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا رکيا ويا آهن، جيڪي آئين ۽ قانون موجب نه آهن، جيڪي ڊرگ مافيا، مني لانڊرنگ ڪندڙ آهن،

هن چيو ته سڀ نه رڳو ڪجهه ماڻهو چونڊون روڪرائڻ چاهين ٿا، انهن کان ايفي ڊيوٽ وٺڻ گهرجي ته اهي ڪهڙي ڪيس ۾ ملوث آهن، جن قرض معاف ڪرايا،

شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن اهي ايفي ڊيوٽ تي صحيحون نٿا ڪن ته پوءِ اهي اليڪشن ڪميشن جي گهرجن تي پورو نٿا لهن،

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ خريد ۽ وڪري واري سلسلي کي روڪڻ گهرجي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*