اڳوڻي اسڪوائش ورلڊ چيئمپين جان شير خان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪري

pm

اڳوڻي اسڪوائش ورلڊ چيئمپين جان شير خان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪري پاڪستان ۾ اسڪواش سميت ٻين راندين جي بهتري لاءِ تجويزون ڏنيون آهن.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب، اسڪواش جي اڳوڻي عالمي چيمپيئن جان شير خان وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي.

ترجمان موجب، ملاقات دوران جان شير خان پاڪستان ۾ اسڪواش سميت ٻين راندين ۾ بهتري جي حوالي سان وزيراعظم کي تجويزون پيش ڪيون.

ان موقعي تي اوور سيز پاڪستانين جي معاملن بابت وزير عبدالرحمان ڪانجو، ايم اين اي اقبال شاهه، ايم پي اي عامر اقبال جي به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.

واضح رهي ته جان شير خان 8 ڀيرا ورلڊ چيمپيئن رهندڙ دنيا جو واحد رانديگر آهي، ان کان علاوه هو 6 ڀيرا برٽش اوپن به کٽي چڪو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*