پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ۾ غيريقيني صورتحال آهي پر ان جو سي پيڪ تي ڪو به اثر نه پوندو

khuwaja asif

پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ۾ غيريقيني صورتحال آهي پر ان جو سي پيڪ تي ڪو به اثر نه پوندو، آمريڪي مفادن لاءِ ملڪي مفادن جو سودو نٿو ڪري سگهجي،

اسلام آباد ۾ سي پيڪ بابت سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته چين جي صدر شي جنگ پنگ مختلف ملڪن کي ملائڻ جو منصوبو ون بيلٽ ون روڊ پيش ڪيو، جنهن سان 65 ملڪن کي فائدو ٿيندو، سيڙپڪارن کي به سموريون سهولتون هڪ ئي ڇت هيٺان فراهم ڪيون وينديون.

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين ايشيا ۾ جديد دوستي جو هڪ خوبصورت تصور قائم ڪيو، پاڪستان چيني صدر سي جنگ پنگ جي ان تصور کي عملي شروعات فراهم  ڪئي.

پرڏيهي وزير چيو ته ملڪ ۾ غير يقيني جي صورتحال آهي پر يقين ڏياريو ته سي پيڪ تي ان جا ڪي به اثر نه پوندا.

هن چيو ته اسان ان غيريقيني صورتحال مان ڪاميابي سان ٻاهر نڪرنداسين. اڳ به اسلام آباد ۾ ڌرڻن ۽ غير يقيني صورتحال باوجود اسان منصوبن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

خواجا آصف چيو ته آمريڪا جيڪڏهن ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ اڳ پنهنجي پاليسي ۾ توازن پيدا ڪري. اسان 80 جي ڏهاڪي ۾ پرويز مشرف جي سرينڊر جو ڀوڳي رهيا آهيون.

پرڏيهي وزير چيو ته ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ وارا منصوبا 2018ع  تائين مڪمل ٿي ويندا، جيڪي ماڻهو پيسا ڏيندا، انهن کي بجلي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، جيڪي بل ادا نه ڪندا، انهن کي بجلي فراهم نه ڪئي ويندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*