اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو

nawaz shareef

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو  ويو.

پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ نوازليگ جو مشاورتي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ سڌ سماءَ  واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، طلال چوڌري، پرويز رشيد، آصف ڪرماني، طارق فاطمي، عباس افريدي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ عمران خان جي گهر جي مبينا جعلي اين او سي تي ڳالهيون ڪيون  ويون، قانون ماهرن مبينا جعلي اين او سي  واري معاملي تي بريفنگ ڏني.

اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي به غور ويچار ڪيو ويو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*