سمورن کاتن ۾ ميرٽ تي ڀرتي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، سيد قائم علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته حڪومت 40 لک ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهي آهي ۽ سمورن کاتن ۾ ميرٽ تي ڀرتي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

وزير اعليٰ هائوس ڪراچي  ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ 44 شاگردن کي ايوارڊ ڏيڻ  واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته حڪومت جو ڪوشش آهي ته خواندگي جي شرح 100 سيڪڙو تائين وڌائي وڃي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته خواندگي جي شرح ۾ گهٽتائي جو سبب غربت آهي.

هن چيو ته ميرٽ ذريعي ڪرپشن جو خاتمو يقيني بڻائي سگهي ٿو ۽ سندن ڪوشش آهي ته سمورن کاتن ۾ ميرٽ جي بنياد ڀريون ڪيون وڃن.

ان موقعي تي پوزيشن حاصل ڪندڙ في شاگرد کي هڪ لک ۽ آءِ پيڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*