لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي جيل وارڊ مان فرار ٿيل قتل ڪيس جو جوابدار غلام حسين مغيري 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻيهر گرفتار نه ٿي سگهيو

Larkana-map-6917

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي جيل وارڊ مان فرار ٿيل قتل ڪيس جو جوابدار غلام حسين مغيري 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻيهر گرفتار نه ٿي سگهيو، ايس ايس پي پاران جوڙيل جاچ ٽيم جوابدار کي فرار ڪرائڻ جو جيل وارڊ پوليس، ميڊيڪل عملي ۽ سينٽرل جيل عملي کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.

جاچ ٽيم موجب جوابدار غلام حسين مغيري بيمار نه هو کيس بهاني سان اسپتال جي جيل وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته جوابدار غلام حسين مغيري کي اسپتال جي جيل وارڊ ۾ موبائل فون جي استعمال سميت ٻيون سهولتون مليل هيون.

جاچ ٽيم رپورٽ ۾ چيو ته جوابدار جا بااثرن سان تعلق آهن، جيڪي اسپتال جي جيل وارڊ ۾ ساڻس ملڻ ايندا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*