پاڪستان سپر ليگ جي ٽِيئن ايڊيشن جي 10هين ميچ ۾پشاور زلمي جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ڪوئٽه گليڊي ايٽرزجي ٽيم کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

peshwar zalmi win over qg

پاڪستان سپر ليگ جي ٽِيئن ايڊيشن جي 10هين ميچ ۾پشاور زلمي جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ڪوئٽه گليڊي ايٽرزجي ٽيم کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل ايونٽ جي ميچ ۾ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 20 اوورس ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 141رنز اسڪور ڪيون،جنهن شين واٽسن 47،روسوِ 37، سرفراز احمد 17۽عمرامين 11رنز جي اننگ کيڏي.

پشاور زلمي پاران عميد آصف،وهاب رياض۽ڊيرن سمي ٻه-ٻه،جڏهن ته سمين گل ۽خالد عثمان هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پشاور زلمي جي ٽيم ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل ٽارگيٽ هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد 20هين اوورس جي چوٿين بال تي پنج وڪيٽن جي نقصان تي پوروڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪپتان ڊيرن سمي اهم ڪردار ادا ڪيو،جنهن چئن بالن تي ٻن ڇڪن ۽ هڪ چونڪي جي مدد سان 16رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته تميم اقبال 36،محمد حفيظ 29۽ڊيرن سمٿ 23رنز جي اننگ کيڏي اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڪوئٽه گليڊي ايٽرزجي ٽيم پاران محمد نواز،هاسٽنگ، راحت علي ۽شين واٽسن هڪ-هڪ وڪِيٽ حاصل ڪئي.

ڊيرن سمي کي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

اڄ پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز جو مقابلو ڪراچي ڪنگز سان جڏهن ته ٻي ميچ ۾ لاهور قلندرز اسلام آباد يونائيٽڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*