سپريم ڪورٽ دوائن جي اگهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران غير معياري دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني جي مالڪ کي طلب ڪري ورتو

supreme court

سپريم ڪورٽ دوائن جي اگهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران غير معياري دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني جي مالڪ کي طلب ڪري ورتو، عدالت اءِ جي اسلام آبادکي ڪمپني جي مالڪ جي حاضري کي يقيني بڻائڻ جو حڪم به ڏنو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ۾ غير معياري دوائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ڊريپ غيرمعياري دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي،

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته حيراني جي ڳالهه آهي انهيءَ  ڪمپني جي خلاف ڊريپ درخواست ڏني آهي، ڇا نقلي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني جو مالڪ ايترو سگهارو آهي جو انهيءَ کي گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪمپني جعلي دوائون ٺاهي ٿي انهي ۾جنسي دوائون به شامل آهن.

سي اي او ڊريپ چيو ته ڪمپني جي خلاف ايڪشن ڪريون ٿا ته ايف آئي اي اسان جي پويان پئجي وڃي ٿي،

سي اي او ڊريپ عدالت کي ٻڌايو ته رياست چئن سالن کان بي يارومددگار آهي، ڪمپني جو مالڪ ڊي آئي جي جو ويجهو عزيز آهي، اسان ڪاررروائي ڪريون ٿا ته ڊي آئي جي وچ ۾ اچيو وڃِي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جعلي دوائون ٺآهيندڙ همراهه ڊريپ هٿان قابو نه ٿو ٿي سگهي؟ ڊريپ اٿارٽِي انهيءَ شخص کان ايترو ڊنل آهي، ٿي سگهي ٿو ته آئون  به انهيءَ کي ڏسي ڪيس واپس وٺي ڇڏيان، آخراهو همراهه ڪير آهي مون کي به ڏيکاريو.

سپريم ڪورٽ جعلي ڪمپني جي مالڪ محمد عثمان کي طلبي ورتو، چيف جسٽس ڊي آئي جي راجا رفعت کي به طلب ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ نيب جي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي  آئي جي اسلام آباد کي ڪمپني جي مالڪ جي پيشي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت غيرمعياري دوائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*