اليڪشن ڪميشن سڀاڻي رٿيل سينيٽ چونڊن لاءِ ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو

Election-Karachi-28716

اليڪشن ڪميشن سڀاڻي رٿيل سينيٽ چونڊن لاءِ ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن موجب، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي چونڊ دوران سيڪريٽريٽ ڪارڊ گڏ کڻي اچڻو پوندو، پولنگ اسٽيشن اندر موبائل فون آڻڻ تي مڪمل پابندي هوندي، بيلٽ پيپر کي خراب ڪرڻ، جعلي بيلٽ پيپر استعمال ڪرڻ تي به ڪارروائي ڪئي ويندي، غير واسطيدار شخص کي بيلٽ پيپر ڏيڻ تي آر او فوري سزا ٻڌائي سگهي ٿو.

سينيٽ جي 52 سيٽن تي چونڊون سڀاڻي ٿي رهيون آهن، اليڪشن ڪميشن به چونڊ ضابطا جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي چونڊ دوران سيڪريٽريٽ ڪارڊ گڏ کڻي اچڻا پوندا.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊن دوران موبائل فون پولنگ اسٽيشن ۾ آڻڻ تي مڪمل پابندي هوندي، بيلٽ پيپر ۽ ووٽ جي رازداري کي يقيني بڻايو ويندو.

اليڪشن ڪميشن موجب،  بيلٽ پيپرز کي خراب ڪرڻ، جعلي بيلٽ پيپر استعمال ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته بيلٽ پيپر پولنگ اسٽيشن ٻاهر به کڻي وڃڻ تي پابندي هوندي.

اليڪشن ڪميشن موجب، ريٽرننگ آفيسر کي پهرن درجي جي اختيارن تحت بيلٽ پيپر رد جو اختيار حاصل هوندو.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ريٽرننگ آفيسر کي سمري ٽرائل ڪري فوري سزا ٻڌائڻ جو حق حاصل هوندو. ڪنهن به قسم جي بي قاعدگي، بدنظمي تي آر او چونڊ عمل معطل ڪري سگهندو.

اليڪشن ڪميشن موجب، پولنگ جي ڏينهن پولنگ اسٽيشن جي ٻاهر رينجرز ۽ ايف سي جا اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

اليڪشن ڪميشن موجب، سمورا ووٽر هڪ ئي رستي ذريعي پولنگ اسٽيشن  ايندا، ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙِ تي هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*