بلوچستان ۾ روايتي سبي ميلي جون رنگارنگ تقريبون ٽئين ڏينهن به جاري آهن

sibbi melo

بلوچستان ۾ روايتي سبي ميلي جون رنگارنگ تقريبون ٽئين ڏينهن به جاري آهن، ميلي ۾ هارس اينڊ ڪيٽل شو، گهوڙن جي ڊوڙ ۽ زرعي نمائش به منعقد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ميلي ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو پهتل آهن.

سبي ۾ ميلي جون رنگا رنگ تقريبون ٽئين ڏينهن به جاري آهن، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو ميلي ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.

ميلي ۾ هارس اينڊ ڪيٽل شو، گهوڙن جي ڊوڙ ۽ زرعي نمائش به منعقد ڪئي وئي، لوڪ فنڪار واسُو گاجاڻي به ماڻهن جي دل وندرائي.

ميلي جي ٽئين ڏينهن جانورن جي وڏي پڙي لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ جانورن جي خريد ۽ وڪري جو به سلسلو جاري آهي.

سردار چاڪر خان ڊومڪي اسٽيڊيم ۾ سڄي ملڪ مان آندل جانورن جي نمائش ڪئي پئي وڃي،

ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان واپاري جانور وڪرو ڪرڻ لاءِ پهچي ويا آهن، عوام جو به وڏو انگ جانورن جي خريداري ڪري رهيو آهي.

نمائش دوران پهرين، ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن کڻندڙ جانور جي مالڪ کي روڪ رقم ۽ انعام ڏنا ويندا.

ميلي جي ٽئين ڏينهن جرگي هال ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ٽيبلوز پيش ڪري رهيا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*