سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هندو برادري اڄ هولي واري تهوار جي ٻئي ڏينهن تي ڌُوڙيليو ملهائي رهي آهي

holi

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هندو برادري اڄ هولي واري تهوار جي ٻئي ڏينهن تي ڌُوڙيليو ملهائي رهي آهي، جنهن ۾هندو برادري جي ماڻهن پاران پوڄا پاٽ ڪري ۽ هڪٻئي کي رنگ هڻي خوشي ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته مندرن کي به سجايو ۽ سينگاريو ويوآهي.

ساماري ۾ ڌوڙيليو جي موقعي تي هندو برادري جي نوجوانن، ٻارن توڙي وڏن پاران ٽوليون ٺاهي، هڪٻئي کي رنگ هنيو پيو وڃي، جڏهن ته نوجوانن برصغير جي قديمي ساز دفلي وڄائي ان تي روايتي ناچ پيش ڪيو.

اسلام ڪوٽ ۾ هندو برادري جي واپارين پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ٽولين جي صورت ۾ هڪ ٻئي تي ڳاڙهو،گلابي ۽ پيلو رنگ هاري محبت جو اظهار ڪيو.

خوشي ۾ نوجوانن  دهل تي جُهمريون هنيون، جڏهن ته عورتن ۽ مردن پاران مندرن ۾ پوڄا پاٺ ڪري ملڪ جي خوشحالي ۽ سالميت لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. هولي جي موقعي تي مندرن کي سينگاريو ۽ سجايو ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*