ڪراچي جي احتساب عدالت 462 ارب رپيا ڪرپشن واري ريفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم کي بيماري جي علاج لاءِ دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

Dr-Asim-30416

ڪراچي جي احتساب عدالت 462 ارب رپيا ڪرپشن واري ريفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم کي بيماري جي علاج لاءِ دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته کيس جاچ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو هو، نيب خلاف هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪندس ۽ ڪو به وڪيل نه ڪندس ڪيس پاڻ ئي وڙهندس، ڀارتي شهري ناهيان نيب معافي وٺي ۽ اڳوڻي چيئرمين کي عدالت ۾ پيش ڪري.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سمورا جوابدار پيش ٿيا.

عدالت، رمارڪس ڏيندي چيو ته هن ڀيري ڊاڪٽر عاصم کي علاج لاءِ دبئي وڃڻ جي اجازت ڏيون ٿا، پر ٻي ڀيري لاءِ معلوم ڪرايون ٿا ته ڇا ڊاڪٽر عاصم جي بيماري جو علاج جناح اسپتال ۾ ممڪن آهي يا نه؟

عدالت ڊاڪٽر عاصم کي 9 مارچ تائين دبئي وڃڻ جي اجازت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته نيب جيڪو ڪجهه ڪري پئي اهو غلط آهي، مونکي جاچ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو.

هن چيو ته نيب خلاف هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪندو ۽ ڪو به وڪيل نه ڪندو، ڪيس پاڻ ئي وڙهندو.

پيٽروليم واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته منهنجا به حقن آهن، ڀارتي شهري ناهيان، نيب مون کان معافي وٺي ۽ اڳوڻي چيئرمين کي عدالت ۾ آندو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*