پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچ ثقافت ڏهاڙي جي موقعي تي بلوچ عوام کي واڌيون ڏنيون آهن

Bilawal-PPP-21117

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچ ثقافت ڏهاڙي جي موقعي تي بلوچ عوام کي واڌيون ڏنيون آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلوچ ثقافت ملڪ جي ثقافتي گلدستي جو خوبصورت گل، عوام هم آهنگي لاءِ ان کي ڀرپور نموني ملهائي.

بلوچ ثقافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري بلوچ قوم کي واڌيون ڏنيون آهن.

پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته بلوچ، بهادري جو نشان ۽ تاريخي ثقافت جا امين آهن، بلوچ ثقافت ملڪي ثقافت واري گلدستي جو هڪ خوبصورت گل آهي.

هن چيو ته عوام هم آهنگي لاءِ بلوچ ثقافت کي ملڪ  ۾ اجاگر ڪري ۽ ان کي ڀرپور نموني ملهائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*