پشاور هائيڪورٽ سينيٽ چونڊن کي سردار بلديو ڪمار سنگهه جي قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ طور حلف کڻڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو

peshawar-highi-court

پشاور هائيڪورٽ سينيٽ چونڊن کي سردار بلديو ڪمار سنگهه جي قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ طور حلف کڻڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو.

پشاور هائيڪورٽ ۾ جسٽس اڪرام الله جي سربراهي ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت بلديو ڪمار کان اسيمبلي ميمبر طور حلف کڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت اسپيڪر خيبرپختونخواهه کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن بلديو ڪمار کان حلف نه ورتو ويو ته سينيٽ چونڊون روڪرائي ڇڏينداسين.

عدالت بلديو ڪمار کان حلف بابت ايڊووڪيٽ جنرل کان به جواب طلب ڪري ورتو.

واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سورن سنگهه جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ميمبر بلديو ڪمار کي گذريل ڏينهن اسپيڪر جي پروٽيڪشن آرڊر تي خيبرپختونخواهه اسيمبلي آندو ويو هو، جتي کيس پنهنجي ميمبرشپ جو حلد کڻڻو هو.

بلديو ڪمار جي اسيمبلي آمد تي اپوزيشن ميمبرن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو هو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ارباب جهانداد مٿس جوتو اڇلايو هو، جنهن بعد بدنظمي پيدا ٿيڻ تي بلديو ڪمار حلف نه کڻي سگهيو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*