نواز ليگ اڳواڻ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر چيو آهي ته اسان سودي بازي نه پر اصولن تي يقين رکون ٿا

safdar cap

نواز ليگ اڳواڻ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر چيو آهي ته اسان سودي بازي نه پر اصولن تي يقين رکون ٿا، جيڪڏهن سوديبازي ڪيون ها ته اڄ ايوانن ۾ ويٺا هجون ها،

اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر چيو ته اسان سودي بازي تي يقين نٿا ڪريون، اسان اصون تان يقين ڪريون ٿا،

هن چيو ته جيڪڏهن سودي بازي ڪيون ها ته ايوان ۾ ويٺا هجون ها،

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته جهانگير ترين جي اسان جي علائقي مان ڏهه پندرنهن هزار ڪروڙ جو گري نائٽ اسٽون ڪڍي رهيو آهي، جنهن جو هو ٽيڪس به نه ڏئي رهيو آهي،

ڪئپٽ صفدر چيو ته مان چيئرمين واپڊا کان درخواست ڪندس ته دربند واري علائقي جو نوٽيس وٺي، اتي ڪٽنگ ٿي رهي آهي، جنهن سان تربيلا جي لائف ختم ٿي رهي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*