ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار سينيٽ چونڊن ۾ مشاهد حسين جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

farooq sattar

ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار سينيٽ چونڊن ۾ مشاهد حسين جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، فاروق ستار چيو آهي ته اسان هڪ آزاد اميدوار جي حمايت ڪري رهيا آهيون، ووٽ سان گڏ نوٽ نه اچڻ گهرجي، مشاهدا لله خان چيو آهي ته فاروق ستار اسان جي ڳالهه کي همدرديءَ سان ٻڌو.

اسلام آباد ۾ وفد سان ملاقات بعد مشاهد حسين سيد سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار مذاق ۾ چيو ته مشاهد حسين هن وقت آزاد اميدوار آهي، انهيءَ طريقي سان اسان لاءِ به سولائي ٿيندي،

فاروق ستار چيو ته مشاهد حسين جي ڪاميابي بعد هو پنهنجي پارٽي ۾ هڪ چيپٽر ٺاهيندو، جنهن جو نالو ايم ڪ يو ايم پاڪستان مسلم ليگ ن هوندو، جنهن جي سربراهي مشاهد حسين ڪندو.

هن چيو ته مشاهد حسين جي حمايت ان ڪري نه پئي ڪئ يوڃي جو سي پيڪ کي ڏسي رهيا آهيون ۽ نه وري اسان کي چين جون ويزائون گهرجن پر اهو هڪ اهم قومي منصوبو آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ چيو ته ووٽ ووٽ هئڻ گهرجي، ان سان گڏ نوٽ نه هئڻ گهرجي.

هن چيو ته سينيٽ اميدوار اسد جوڻيجو به اسان کان سٺي اميد رکي، سموريون جماعتون ساٿ ڏين ته قومي ايجنڊي جو به اعلان ڪنداسين.

فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جي اصل آزمائش سنڌ ۾ آهي، جيڪي ميمبر سنڌ ۾ ووٽ ڏين، انهن جو ووٽ پارٽي پاليسي موجب هئڻ گهرجي.

مشاهدا لله خان چيو آهي ته فاروق ستار اسان جي ڳالهه کي همدرديءَ سان ٻڌو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*