سنڌ اسيمبلي، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۽ حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جا بل منظور ڪري ورتا آهن

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۽ حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جا بل منظور ڪري ورتا آهن.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو.

مخالف ڌر پاران شام جي صورتحال تي مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان جي حڪومت عالمي سطح تي معاملي تي آواز اٿاري.

آبپاشي کاتي بابت سوالن جوابن دوران صوبائي وزير نثار کهڙو چيو ته آر بي او ڊي منصوبو هلندڙ سال مڪمل ٿيڻ ممڪن ناهي، منصوبو 2008 ۾ 29 ارب رپين ۾ مڪمل ٿيڻو هو جنهنجو خرچ هاڻ 62 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي.

اجلاس ۾ خيرپور جي فيض آباد واري علائقي ۾ سرڪاري مسافر خاني تي قبضي خلاف غزاله سيال ڌيان ڇڪايو نوٽس پيش ڪيو، جنهن تي ٽرانسپورٽ واري وزير ناصر شاهه آگاهي ڏني ته معاملو حل ڪري انتظاميا ٽيڪسي اسٽينڊ قائم ڪري ڇڏي آهي.

ايم ڪيو ايم جي ميمبر نديم راضي ملير هالٽ کان ملير 15 تائين روڊ جي تعمير بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، جنهن تي ڄام خان شورو جواب ڏنو ته ڪي ايم سي روڊ ٽن مهينن ۾ تعمير ڪرڻ جو وقت ڏنو آهي.

هجرت ڪالوني ۾ سرڪاري اسڪول بند هئڻ بابت التويٰ واري رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي نصرت سحر عباسي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي واڪ آئوٽ ڪيو.

اسيمبلي پاران پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۽ حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جا بل منظور ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*