ايف آءِ اي ۾ 20 هين گريڊ جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن

FIA-7916

ايف آءِ اي ۾ 20 هين گريڊ جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، منير شيخ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سنڌ ۽ الطاف حسين ڊائريڪٽر بلوچستان مقرر ڪيو ويو آهي.

20 هين گريڊ جي آفيسر منير شيخ کي ايف آءِ اي سنڌ جو ڊائريڪٽر، جڏهن ته الطاف حسين کي اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر کان بدلي ڪري بلوچستان ۾ ايف آءِ اي جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي بلوچستان جي ڊائريڪٽر عبدالقادر قيوم کي اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر بدلي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي، امير احمد شيخ جون خدمتون واپس ڪري ڇڏيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*