ڪراچي جي عدالت بلديا سانحي ڪيس ۾ فيڪٽري مالڪن جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي عدالت بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار  ڄاڻايل فيڪٽري مالڪن جي پيش نه ٿيڻ ۽ شاهدن جي انگ اکرن ۾ ڦير ڦار تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته جاچ آفيسر  گذريل ٻڌڻي تي پيش نه ٿيڻ تي  معافي نامو عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج  اولهه نوشابه قاضي جي عدالت بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،جنهن دوران جوابدار ڄاڻايل فيڪٽري مالڪن جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو.

عدالت شاهدن جي انگ اکرن ۾به  ڦير ڦار ڪرڻ تي سخت ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي فيڪٽري مالڪن کي پيش نه ڪيو ويو ته ضمانت نه جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا.

بلديه سانحي جي جاچ آفيسر گذريل ٻڌڻي  تي پيش نه ٿيڻ تي معافي نامو عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ڪيس جي شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون وڪيلن کي ڏنيون ويون.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 مارچ تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو  حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*