ميرپور بٺوري ۽ آس پاس جي علائقن ۾ منشيات سميت سماجي برائين۽ اسڪول بند ھجڻ خلاف سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري حيدرآباد –سجاول روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو

mirpur bathoro

ميرپور بٺوري ۽ آس پاس جي علائقن ۾ منشيات سميت سماجي برائين۽ اسڪول بند ھجڻ خلاف سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري حيدرآباد –سجاول روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

سنڌ سجاڳ فورم  پاران خير محمد چانڊيو،  دلمراد شيدي،  نصير ،ياسين چانڊيو۽ٻين جي اڳواڻي ۾ محمودا اسٽاپ وٽ ميرپوربٺورو –  سجاول روڊ تي ڌرڻوهنيو ويو.

 ڌرڻي سبب ٻن ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ رهڻ ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ميرپور بٺورو شھر ۽  محمودا اسٽاپ  تي سماجي برايون عروج تي پھچي ويون آھن،  ڪچي شراب،  چرس ۽ آفيم جو سر عام وڪرو ٿي رهيو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته آس پاس جا ڪيترائي اسڪول بند پيل آھن ۽ ٻارن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي.

ھنن  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد،    ايس ايس پي سجاول ۽ ٻي ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيوآهي ته  سماجي برائين کي ختم ڪرائي، بند پيل اسڪول کولرايا وڃن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*