ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان چيو آهي ته سينيٽ جو حل نڪري آيو، باقي حل به نڪري ايندا، اڃا به بهتري جي اميد آهي

amir khan mqm

ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان چيو آهي ته سينيٽ جو حل نڪري آيو، باقي حل به نڪري ايندا، اڃا به بهتري جي اميد آهي.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر خان چيو ته هو پنهنجي ڪارڪنن کي مايوس نه ڪندا ۽ مستقبل لاءِ گڏجي ويهي فيصلا ڪندا.

هن چيو ته سينيٽ چونڊن جو حل نڪري آيو، هاڻ ٻيا حل به نڪري ايندا، جنهنڪري هر حال ۾ بهتري جي اميد رکڻ گهرجي.

ايم ڪيو ايم ڪيو اڳواڻ چيو ته پارٽي کي هڪ ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*