نيشنل فنانس ڪميشن ۾ سنڌ جو نمائندو مقرر نه ٿيڻ ڪري اٺون مالياتي ايوارڊ رولڙي جو شڪار ٿيڻ جو امڪان آهن، قيصر بنگالي

اين ايف سي ۾ بلوچستان جي ميمبر قيصر بنگالي چيو آهي ته نيشنل فنانس ڪميشن ۾ سنڌ جو نمائندو مقرر نه ٿيڻ ڪري اٺون مالياتي ايوارڊ رولڙي جو شڪار ٿيڻ جا امڪان آهن، جيڪڏهن ايئن ٿيو ۽ ستين ايوارڊ تي ئي عمل جاري رهيو ته اهو غير آئيني هوندو.

ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته جون 2015 ۾ ستين مالياتي ايوارڊ جو مدو پورو ٿي رهيو آهي، ان کان اڳ اٺين مالياتي ايوارڊ تي اتفاق لازمي آهي.

هن چيو ته مالياتي ايوارڊ جي تياري لاءِ نيشنل فنانس ڪميشن ۾ وفاق ۽ ٽن صوبن پنهنجا ميمبر مقرر ڪري ڇڏيا آهن، رڳو سنڌ جو نمائندو مقرر ناهي ٿيو.

قيصر بنگالي چيو ته جيڪڏهن سنڌ جو نمائندو مقرر نه ٿيو ۽ اين ايف سي مڪمل نه ٿي ته اٺون ايوارڊ نه اچي سگهندو ۽ ستين مالياتي ايوارڊ تي عمل جاري رهندو.

هن چيو ته 2009 ۾ 15 مهينن جي ڪوششن بعد ستين مالياتي ايوارڊ تي اتفاق ٿيو، اڄ به ڪميشن مڪمل ٿي وڃي ته ٽن مهينن ۾ نئين مالياتي ايوارڊ تي اتفاق ٿيڻ ڏکيو آهي.

هن چيو ته جون تائين اٺين مالياتي ايوارڊ تي اتفاق نه ٿيو ته هلندڙ فارمولا تحت مالياتي وسيلن جي ورڇ جاري رهندي، ان لاءِ به اين ايف سي کي منظوري ڏيڻي پوندي ٻي صورت ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*