قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سينيٽ چونڊون نه ٿيڻ وارا افواهه غلط ثابت ٿي ويا آهن

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سينيٽ چونڊون نه ٿيڻ وارا افواهه غلط ثابت ٿي ويا آهن، سينيٽ جي چونڊ سان پراڻا دوستا ويندا پر سياست جاري رهندي.

اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي ۾ سينيٽ چونڊ لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سينيٽ جي چونڊ سان اعتزاز احسن جهڙو ساٿي پارليامينٽ جو حصو نه رهندو، جنهن سان فرق محسوس ٿيندو.

هن چيو ته دوستن جي وڃڻ سان فرق پوندو آهي پر سياست پوءِ به هلندي رهندي آهي.

قومي اسميبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته سينيٽ چونڊون نه ٿيڻ وارا افواهه غلط ثابت ٿي ويا آهن، جنهن سان جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*