ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته اختلافن باوجود سندس بهادرآباد وارن سان رابطو هو

farooq sattar

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته اختلافن باوجود سندس بهادرآباد وارن سان رابطو هو، تنظيم ۾ بحران ۽ اختلاف هئا،  پر اڄ کان تنظيمي مسئلن تي غور ڪري هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته سنڌ ۾ پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪندا ۽ اڄ کانپوءِ ٿيندڙ بيٺڪ ۾ تنظيمي مسئلن تي غور ڪيو ويندو.

هن چيو ته گذريل ڏينهن طئي ڪيو ته پارٽي جو ووٽ بينڪ ورهائجڻ نه ڏنو ويندو.

فاروق ستار چيو ته ضمير مطمئن آهي، سمورن ايم پي ايز سان ڳالهيون ٿيون آهن.

ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه چيو ته اختلافن باوجود بهادرآباد وارن سان رابطو هو، تنظيم ۾ بحران ۽ اختلاف هئا،  پر اڄ کان تنظيمي مسئلن تي غور ڪري هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*