سپريم ڪورٽ حڪومت پاران اشتهار جاري ڪرڻ بابت رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پنجاب جي انفارميشن سيڪريٽري کي فوري طور رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Supreme-Lahore-rigistry-28716

سپريم ڪورٽ حڪومت پاران اشتهار جاري ڪرڻ بابت رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پنجاب جي انفارميشن سيڪريٽري کي فوري طور رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس ثاقت نثار لاهور رجسٽري ۾  حڪومت پاران غير قانوني طور نجي چينلز ۽ اخبارن کي اشتهار جاري ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس ثاقب نثار اشتهارن بابت رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انفارميشن سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ڪٿي آهي اوهان جو وڏو وزير ۽ چيف سيڪريٽري؟.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته عوام جي ٽيڪس جي پيسن سان اشتهارن جي اجازت ڪنهن ڏني آهي، ٻڌائڻو پوندو ته ڪنهن جي چوڻ تي  چينلز کي اشتهار جاري ڪيا ويا.

چيف جسٽس پنجاب جي انفارميشن سيڪريٽري کي حڪم ڏيندي چيو ته وڃو، فائلون کولي رپورٽ تيار ڪري اچو، اوهان کي عوام جي ٽيڪس جي پيسن جو حساب ڏيڻو پوندو ……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*