شام جي شهر غوطه ۾ جاري بمباري جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ 650 کان وڌي ويو، گڏيل قومن بمباري کي جنگي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو

sham me bomb bari

شام جي شهر غوطه ۾ جاري بمباري جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ 650 کان وڌي ويو، گڏيل قومن بمباري کي جنگي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو.

 پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گڏيل قومن جي انساني حقن واري کاتي جي هاءِ ڪمشنر زيد رعد الحسين چيو ته شام جي شهر غوطه ۾ بشار الاسد حڪومت جي بمباري جنگي ڏوهه آهي، جنهن تي عالمي عدالت ۾ ڪيس هلايو ويندو.

جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنگبندي جي ٺهراءَ تي اتفاق راءِ باوجود اوڀر غوطه ۾ عام شهرين تي مسلسل بمباري ۽ گولاباري ڪئي پئي وڃي،  جيڪو نه صرف جنگي ڏوهه پر انساني ڏوهن جي دائري ۾ به اچي ٿو.

هن چيو ته اسان سڄي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون، جوابدارن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي ۽ سندن خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ دستاويز تيار ڪيا پيا وڃن.

                 ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن جي رپورٽ موجب بمباري سبب علائقي ۾ امدادي ٽيمون ناهن پهچي سگهيون، اتي 100 کان وڌيڪ مريض انتهائي ڳڻتي جوڳي واري حالت ۾ علاج لاءِ منتظر آهن پر بمباري سبب امدادي ٽيمن لاءِ غوطه ۾ داخل ٿيڻ ناممڪن بڻيل آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*