بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان مقبوليت ۾ هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز ۽ ٻين کان گوءِ کڻي ويو

shahrikh khan and tom

 بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان مقبوليت ۾ هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز ۽ ٻين کان گوءِ کڻي ويو، مقبول ترين اداڪارن جي جاري ڪيل فهرست ۾ ڪنگ خان  جو  ٻيو نمبر آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب گذريل 10 سالن دوران جن اداڪارن کي وڪي پيڊيا تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيو ويو انهن ۾ڪم ڪرڊشيان بعد شاهه رخ خان کي سرچ ڪيو ويو.

شاهه رخ خان فين پيج نالي ٽوئيٽر اڪائونٽ پاران جاري ڪيل فهرست ۾ هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز جو يارهون جڏهن ته انجلينا جولي جو ٽيون نمبر آهي.

 فهرست ۾ ڊسمبر 2007 ع  کان ڊسمبر 2017ع تائين جا انگ اکر ڏنا ويا  آهن، جنهن موجب شاهه رخ خان کي 6 ڪروڙ 60 هزار ماڻهن سرچ ڪيو.

 جاري ڪيل فهرست ۾ بالي ووڊ سان گڏ 32 هالي ووڊ اداڪار به شامل آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*