بالي ووڊ فلم هارر فلم “پري” پهرئين ڏينهن 4 ڪروڙ 36 لک رپيا ڪمايا آهن

pari

بالي ووڊ فلم هارر فلم “پري” پهرئين ڏينهن 4 ڪروڙ 36 لک رپيا ڪمايا آهن، انوشڪا شرما جي فلم لاءِ باڪس آفيس پنڊتن 5 کان 6 ڪروڙ رپيا ڪاروبار جي اڳڪٿي ڪئي هئي.

 اداڪارا انوشڪا شرما جي هي نئين فلم گذريل ڏينهن رليز ڪئي وئي هئي.

 ميڊيا رپورٽس موجب، فلم باڪس آفيس پنڊتن کي مايوس ڪيو ۽ سندن اندازي موجب بزنس ڪري نه سگهي آهي.

 باڪس آفيس رپورٽ موجب فلم “پري” پهرئين ڏينهن 4 ڪروڙ 36 لک رپيا ڪاروبار ڪيو، جڏهن ته پنڊتن 6 ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ ڪمائي جي اڳڪٿي ڪئي هئي.

تجزيا نگارن جو چوڻ آهي ته ڪمزور ڪهاڻي سبب فلم باڪس آفيس تي بزنس نه  ڪري رهي آهي.

 واضح رهي ته هي انوشڪا شرما جي ٺهيل پروڊڪشن هائوس پاران رليز ڪيل  ٽئين فلم آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*