ارسا چيئرمين جو پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ وارو لکيل خط بدنيتي تي ٻڌل آهي، ادريس راڄپوت

پاڻي ماهر ادريس راڄپوت چيو آهي ته ارسا چيئرمين جو پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي 22 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ وارو لکيل خط بدنيتي تي ٻڌل آهي ۽ پس پرده اسٽيبلشمينٽ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ گهري ٿي، جڏهن ته زميني حقيقت اها آهي ته پاڻي ايترو موجود ئي نه آهي، جنهن کي ذخيرو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.

ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پاڻي ماهر ادريس راڄپوت گذريل 15 سالن جي پاڻي رڪارڊ جا انگ اکر ناظرين سان شيئر ڪيا، جنهن مان هن ٻڌائڻ پئي گهريو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سال 2001 کان گهڻو پاڻي ڇڏيو ويو هو.

ادريس راڄپوت جي پيش ڪيل انگن اکرن موجب سال 2001 ۾ پوائنٽ سيون فور فائيو ملين ايڪڙ پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو ويو، جنهن کانپوءِ سال 2002 ۾ هڪ ڏهائي 9 ايم اي ايف، سال 2002 ۽ 2003 ۾ 2 ڏهائي 15 ملين ايڪڙ فٽ، جڏهن ته 2008 ۽ 2009 ۾ 5 ڏهائي 8 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇڏيو ويو، ادريس راڄپوت موجب رڳو مها ٻوڏ واري سال ۾ ايٽ پوائنٽ 2 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو ويو.

ادريس راڄپوت جو چوڻ هو ته 22 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي جيڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي، ان پٺيان نيت ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ آهي.

ادريس راڄپوت جو اهو به چوڻ هو ته پاڻي جا ڪاٿا سراسري بنيادن تي لڳايا ويندا آهن، جنهن لاءِ هن هڪ مثال ٻڌايو ته هڪ شخص واهه ڪراس ڪرڻ لاءِ داروغي کان پڇيو ته واهه جي سطح ڪيتري آهي، جنهن تي داروغي کيس ٻڌايو ته پنج فٽ پاڻي آهي، همراهه سوچيو ته سندس قد ساڍا پنج فٽ آهي، تنهنڪري هو آساني سان واهه ٽپي ويندو پر جڏهن واهه ۾ لٿو ته پاڻي آهستي آهستي سندس قد کان وڌڻ لڳو ۽ نيٺ جنهن وقت هو ٻڏڻ لڳو ته هن رڙ ڪري داروغي کي چيو ته داروغا تو ته چيو هو پاڻي پنج فٽ آهي پر مان ساڍن پنجن فٽن جو ٻڏي رهيو آهيان، جنهن تي داروغي کيس وراڻيو ته هو سندس ٻڏڻ يا ترڻ سان ٻڌل نه آهي، هن کيس سراسري طور پاڻي ڏسيو هو، تنهنڪري ڊيمون ٺاهيندڙن  جو به سنڌ جي ٻڏڻ يا ترڻ سان ڪو به مطلب نه آهي.

هن چيو ته صوبن جي اتفاق سان ڀاشا ڊيم ٺهڻ گهرجي ها پر ان ڊيم تي به اڃا تائين ڪم نه ٿيو آهي، اڃا تائين ته رڳو ڀاشا جي ٺهڻ سان متاثرن کي لڏائڻ ۽ ٻئي هنڌ آباد ڪرڻ لاءِ اربين رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، اصل منصوبي ۾ ته هٿ ئي نه وڌو ويو آهي ۽ وقت وجهڻ سبب منصوبي جي لاڳت ۾ به اضافو ئي ٿيندو پيو رهي.

ادريس راڄپوت جو چوڻ هو ته ارسا جي خط لکڻ يا ايتري تائين جو جيڪڏهن پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ڪا منظوري به ڏئي ڇڏي ته ڪو فرق نه ٿو پوي ۽ ان معاملي تي سنڌ حڪومت کي هرو ڀرو واويلا نه مچائڻ گهرجي، ها باقي جيڪڏهن وفاق اهڙي ڪا منظوري ڏئي يا صوبي سان رابطو ڪري ته پوءِ سنڌ لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

ادريس راڄپوت جو چوڻ هو ته تربيلا جي گنجائش گهٽجي وئي آهي ۽ ان ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي تنهنڪري سنڌ ڀاشا ڊيم جي ٺاهڻ تي راضپو ڏيکاريو پر ان تي اڃا تائين ڪم نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*