حڪمران جماعت مسلم ليگ نون سينيٽ چيئرمين لاءِ نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ حاصل بزنجو کي نامزد ڪري ڇڏيو

حڪمران جماعت مسلم ليگ نون سينيٽ چيئرمين لاءِ نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ حاصل بزنجو کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي ڊپٽي چيئرمين لاءِ ڪي پي ڪي سان واسطو رکندڙ ربينا رئوف خالد جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو آهي.

سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي مقرري لاءِ حڪومت ۽ مخالف پارٽين جي جوڙ توڙي جاري آهي.

ذريعن موجب، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سان نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ نئين چونڊيل سينيٽر حاصل بزنجو  سان فون تي رابطو ڪيو.

ذريعن موجب، حڪومت سينيٽ چيئرمين لاءِ حاصل بزنجو کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان اسحاق ڊار، حڪومت فيصلي بابت حاصل بزنجو کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حاصل بزنجو سڀاڻي وزيراعظم نواز شريف سان به ملاقات ڪندو.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي پاران سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين لاءِ خيبرپختونخواهه سان واسطو رکندڙ ربينا رئوف خالد جو نالو تجويز ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*