پشاور جي سرڪاري اسپتال ۾ آپريشن دوران ڊاڪٽرز تازي ڄاول ٻار جو ڳلو ڪٽي ڇڏيو

peshawar doctor

پشاور جي سرڪاري اسپتال ۾ آپريشن دوران ڊاڪٽرز تازي ڄاول ٻار جو ڳلو ڪٽي ڇڏيو، عورت جي وارثن ٻارڙي جي موت جو ذميوار ڊاڪٽرز کي قرار ڏئي گائني وارڊ ٻاهران احتجاج ڪيو.

پشاور ايل آر ايڇ اسپتال جي گائني وارڊ ۾ آرمڙ جي رهواسي رحيم نالي شخص جي زال داخل هئي، جنهن جي ٻار جي پيدائش آپريشن ذريعي ٿي.

آپريشن دوران ڊاڪٽرز غلطيءَ سان ٻار جو ڳلو ڪٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻار جو موت واقع ٿيو.

ٻارڙي جي وارثن  ڊاڪٽرز خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري اسپتال روڊ بند ڪري ڇڏيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*