ناليواري فنڪاره مالا بيگم جي وڇوڙي کي 28 سال گذري ويا آهن، ايترو عرصو وهامي وڃڻ جي باوجود سندس آواز جو سحر اڃان برقرار آهي

mala begum

ناليواري فنڪاره مالا بيگم جي وڇوڙي کي 28 سال گذري ويا آهن، ايترو عرصو وهامي وڃڻ جي باوجود سندس آواز جو سحر اڃان برقرار آهي.

 مالا بيگم 9 مارچ 1990 ع تي فيصل آباد شهر ۾ جنم ورتو، والدين سندس نالو نسيم نازلي رکيو هو پر سندس ڳلي جي مٺاس کيس مالا بيگم جي نالي سان شهرت جي بلندين تي پهچايو.

 مالا بيگم کي ننڍي هوندي ئي راڳ جو چاهه هو، هن موسيقي جي ابتدائي تربيت پنهنجي وڏي ڀيڻ شميم نازلي کان حاصل ڪئي.

 هن پهريون ڀيرو 1961 ع ۾ پنجابي فلم “آبرو” لاءِ پلي بيڪ سنگر طور  پنهنجي آواز ۾ 2 گيت رڪارڊ ڪرايا.

سال 1962ع جي اردو  فلم “سورج مکي” سندس ڪيريئر لاءِ انتهائي اهم ثابت ٿي، فلم سورج مکي کيس نسيم نازلي کان مالا طور سڃاڻپ ڏياري.

 سندس آواز ۾ رڪارڊ ٿيل گانو “ آيا رَي ديکو” گهڻو مشهور ٿيو، جنهن بعد لالي ووڊ فلمز لاءِ ڳائڻ جي کيس لاڳيتو آڇ ٿيندي رهي.

 60ع ۽ 70ع وارو ڏهاڪو سندس ڪيريئر جي عروج وارو عرصو تصور ڪيو ويندو آهي.

 مالا بيگم پنهنجي جادوئي آواز ذريعي لکين ماڻهن کي پنهنجو مداح بڻايو، کيس 2 ڀيرا نگار ايوارڊز سان نوازيو ويو.

 مالا بيگم 6 مارچ 1990 ع تي 50 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو، جدائيءَ جي 28 سالن کان پوءِ به سندس آواز جو سحر ختم نه ٿيو آهي.

مالابيگم جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيل سرن سان ڀرپور گيت ٻڌي پرستار کيس اڄ به ياد ڪن ٿا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*