ميرپور بٺوري ۾مطالبن جي مڃتا لاءِ پئرا ميڊيڪل اسٽاف پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

mp batoro pra medical

ميرپور بٺوري ۾مطالبن جي مڃتا لاءِ پئرا ميڊيڪل اسٽاف  پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

تعلقي اسپتال جي لوئر اسٽاپ ٻانهن تي  ڪاريون پٽيون ٻڌي رجب ميمڻ، عالم ميمڻ، آمون جت، يونس سومرو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي آڏو مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

  ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته پروفيشنل الائونس ۽ سروس اسٽرڪچر نه پيو ڏنو وڃي ۽ ميڊيڪل آفيسرن کي 20 سال گذرڻ باوجود پروموشن به نه ڏنو ويو آھي.

هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته سندن مطالبا منطور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*