صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٿر جي غريب عوام جي سهائتا لاء اڳ ۾ يارهن ڀيرا مفت امدادي ڪڻڪ ورهاست ڪئي هئي

jam khan shoro

صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٿر جي غريب عوام جي سهائتا لاء اڳ ۾ يارهن ڀيرا مفت امدادي ڪڻڪ ورهاست ڪئي هئي، هاڻي وري ٻارهون ڀيرو امدادي ڪڻڪ ڏيڻ لاءِ ٿر جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون.

صوبائي وزير مٺي ۾ چونڊيل نمائندن  سان جلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته  هتي مٺي پهچي چونڊيل نمائندن سان گڏجاڻي ڪئي آهي ، چونڊيل نمائندن به ايندڙ گرمين ۾ وڌيڪ مشڪل حالتون پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي ۽ امدادي ڪڻڪ ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي.

 هن چيو ته ساڳي طرح سانگهڙ جي اڇڙي ٿر جو به جائزو وٺي وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪئي ويندي ۽ جلد امدادي ڪڻڪ ڏني ويندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*