سنڌ اسيمبلي، سورهيه بادشاهه جي شهادت جي ڏهاڙي تي عام موڪل ڪرڻ ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي لاڳاپيل ضلعن کي ڏيارڻ سميت مختلف ٺهراءَ منظور ڪري ورتا آهن

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي، سورهيه بادشاهه جي شهادت جي ڏهاڙي تي  عام موڪل ڪرڻ ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي لاڳاپيل ضلعن کي ڏيارڻ سميت مختلف ٺهراءَ منظور ڪري ورتا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ پاڪستان يونيورسٽي جي قيام وارو بل به منظور ڪيو ويو آهي.

پرائيويٽ بلز بابت سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرائيوٽ بلز تي بحث مباحثو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ ميمبر وريام فقير، سورهيه بادشاهه جي شهادت ڏينهن 20  مارچ تي صوبي ۾ عام موڪل بابت ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو يڪراءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته تيل ۽ گيس تي رائلٽي ضلعن کي ڏيڻ بابت نند ڪمار گوڪلاڻي جو ٺهراءُ ۽ پٽ جي فوتگي باجود سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ تي پ پ ايم پي اي روبينا قائم خاني کي ڀيٽا جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

روبينا قائم خاني جي پٽ جي فوتگي باوجود سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ تي ڀيٽا دوران ڊپٽي اسپيڪر سميت ميمبرن جون اکيون آليون ٿي ويون.

اسميبلي اجلاس دوران شازيا فاروق جي مبينا آپگهات واري معاملي تي ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي ميمبرن وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ به ٻڌڻ ۾ آئي.

وڏن شهرن ۾ نيٽ زيرو انرجي عمارتون قائم ڪرڻ بابت قانونسازي جوڙڻ ۽ ميرپورخاص ۾ دل جي بيمارين جو يونٽ قائم ڪرڻ وارا ٺهراءَ به يڪراءِ سان منظور ڪيا ويا.

ڪراچي ۾ پاڪستان يونيورسٽي جي قيام جو بل به منظور ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*