سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پي سي بي کي ڪراچي ۾ عالمي ڪرڪيٽ ميچز ڪرائڻ جو به اشارو ڏئي ڇڏيو آهي

cm

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پي سي بي کي ڪراچي ۾ عالمي ڪرڪيٽ ميچز ڪرائڻ جو به اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس شهر ۽ صوبي جي عوام جي وقار جي ڳالهه آهي، ڪراچي ۾ به عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿيڻ گهرجي.

سي ايم هائوس جي ترجمان موجب پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي، وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري پي ايس ايل جي ڪراچي ۾ فائنل ميچ لاءِ بهتر انتظام ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.

نجم سيٺي، وڏي وزير کي چيو ته اوهان جي ذاتي دلچسپي سبب پي ايس ايل جو فائنل ممڪن ٿيو آهي، جنهن تي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ڪرڪيٽ سندس شهر ۽ صوبي جي عوام جي وقار جي ڳالهه آهي.

وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران پي سي بي چيئرمين کي ڪراچي ۾ عالمي ڪرڪيٽ ميچز ڪرائڻ جو به اشارو ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*