وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معذور ماڻهن کي سندن ڪوٽا تي ڀرتيون مارچ تائين مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي

cm

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معذور ماڻهن کي سندن ڪوٽا تي ڀرتيون مارچ تائين مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان معذورن ماڻهن جي وفد سي ايم هائوس ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران وڏي وزير چيو ته هو معذور ماڻهن جو احساس ۽ قدر ڪري ٿو، جنهنڪري ئي معذورن لاءِ ڪوٽا 2 مان وڌائي 5 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته سرڪار پاڻ سمجهي پئي ته احتجاج ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي، جنهنڪري معذورن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.

مراد علي شاهه چيو ته مارچ جي آخر يا اپريل جي شروع ۾ ڀرتين جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*