انٽرا ڪورٽ اپيل ڪندي ئي نهال هاشمي هڪ نئين مشڪل ۾ ڦاسي پيو، سپريم ڪورٽ ۾ اهڙي ويڊيپو هلائي وئي

nihal hasmi

انٽرا ڪورٽ اپيل ڪندي ئي نهال هاشمي هڪ نئين مشڪل ۾ ڦاسي پيو، سپريم ڪورٽ ۾ اهڙي ويڊيپو هلائي وئي، جو ليگي اڳواڻ به شرم ۾ ٻڏي ويو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، توهين عدالت ڪيس ۾ نهال هاشميءَ جي نظرثاني واري اپيل تي کيس سڀاڻي گهرائي ورتو، چيف جسٽس چيو آهي ته ججز لاءِ نهال هاشمي جا لفظ افسوسناڪ آهن، سزا وڌائڻ جو اختيار رکون ٿا.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بينچ نهال هاشمي جي توهين عدالت ڪيس جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل جهي ٻڌڻي ڪئي.

سپريم ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جي حڪم تي اڳوڻي سينيٽر نهال هاشمي جي جيل مان آزاديءَ کان پوءِ گارين واري ويڊيو ٽي ڀيرا هلائي وئي، جنهن تي نهال هاشمي جو وڪيل شرم ۾ ٻڏي ويو.

چيف جسٽس ثاقب نثار ليگي اڳواڻ جي وڪيل کي چيو ته ٻڌو ٿا، نهال هاشمي ڇا چئي رهيو آهي؟

ان تي ڪامران مرتضيٰ چو ته نهال هاشميءَ جا لفظ منهنجي لاءِ شرم جوڳا آهن، اهڙن لفظن تي معذرت خواه آهيان.

نهال هاشميءَ جي وڪيل استدعا ڪئي ته گارين جا لفظ عدالتي حڪم نامي ۾ نه لکيا وڃن.

جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته  اسان کي اهي لفظ عدالتي حڪم نامي ۾ لکرائڻ ۾ ڪو به شرم ناهي، نهال هاشمي  جي گارين وارا لفظ  سمورن پاڪستانين ٻڌا.

چيف جسٽس چيو ته نهال هاشمي جيل مان نڪري گاريون ڏنيون، ڇو نه سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، ڇو نه ٻيهر توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت نهال هاشميءَ کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*