برطانيه جي شهر لنڊن ۾ هالي ووڊ ايڪشن فلم “ٽومب ريڊر” سيريز جي ٽئين سڪيوئل جو رنگا رنگ پريميئر منعقد ڪيو ويو

 tomb rider

برطانيه جي شهر لنڊن ۾ هالي ووڊ ايڪشن فلم “ٽومب ريڊر” سيريز جي ٽئين سڪيوئل  جو رنگا رنگ پريميئر منعقد ڪيو ويو، فلم اسٽارز جي ريڊ ڪارپيٽ تي واڪ تقريب ۾ شريڪ ماڻهن کي موهي وڌو.

  ان موقعي تي آسڪر ايوارڊ يافته هالي ووڊ اداڪاره اليشيا وڪنيدر ۽ فلمي صنعت سان واڳيل ٻيا ماڻهو شريڪ هئا.

 ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪاره اليشيا وڪيندر چيو ته هن لارا ڪرافٽ جي ڪردار کي نئين انداز سان ادا ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، کيس اميد آهي ته فلم ڏسندڙن جو ڌيان پاڻ طرف ڇڪرائڻ ۾ ڪامياب ويندي.

 واضح رهي ته ٽومب ريڊر سيريز جي نئين سڪيوئل ۾ انجيلينا جولي جي جاءِ تي اليشيا وڪيندر لارا ڪرافٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.

  فلم 15 مارچ تي  برطانيه ۾ رليز ٿي رهي آهي، جڏهن ته 16 مارچ تي امريڪي سئنيماگهرن جي زينت بڻجندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*