پرڏيهه فرار ٿيڻ واري ڪيس ۾ جيل انتظاميا، شاهه رخ جتوئي کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Shahrukh-Jatoi-Case-131217

پرڏيهه فرار ٿيڻ واري ڪيس ۾ جيل انتظاميا، شاهه رخ جتوئي کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت شاهه رخ جتوئي جا پروڊوڪشن آرڊر جاري ڪيا.

جڊيشل ميجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ شاهزيب قتل ڪيس ۾ نامزد شاهه رخ جتوئي پاران پرڏيهه فرار ٿيڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي.

جيل اختيارين، شاهه رخ جتوئي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جوابدار سزا يافته آهي کيس سڪيورٽي خدشن سبب عدالت ۾ پيش نٿا ڪري سگهون.

عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته سڪيورٽي ڏيڻ جيل اختيارين جي ذميواري آهي، پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيون ٿا شاهه رخ جتوئي کي پيش ڪيو وڃي.

جيل اختيارين آگاهي ڏني ته جوابدار هن ڪيس ۾ ضمانت تي آهي، جڏهن ته قتل ڪيس ۾ پابند آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*