سلوڀائي جي سپر هٽ فلم “بجرنگي ڀائيجان” چين ۾ عامر خان جي “دنگل” جو مقابلو نه ڪري سگهي آهي

bajraing-salman

سلوڀائي جي سپر هٽ فلم “بجرنگي ڀائيجان” چين ۾ عامر خان جي “دنگل” جو مقابلو نه ڪري سگهي آهي، پهرين هفتي  55 ڪروڙ رپيا ڪمايا، جڏهن ته “دنگل” ساڳئي عرصي دوران 78 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪيو هو.

 عالمي باڪس آفيس تي به دنگل ڪافي  اڳتي نظر اچي رهي آهي.

 رپورٽ موجب عامر خان جي دنگل سڄي دنيا اندر 2 هزار ڪروڙ رپيا تائين ڪاروبار ڪيو آهي ۽ “بجرنگي ڀائيجان” 723 ڪروڙ رپيا ڪمايا آهن.

 سلمان خان جي فلم “بجرنگي ڀائيجان” سال 2015 ع ۾ رليز ڪئي وئي هئي ۽ هلندڙ سال 2 مارچ تي بيجنگ جي سئنيماگهرن جي زينت بڻي هئي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*