ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال به شرجيل ميمڻ جي سرجري يورپ مان ڪرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي

sharjeel memon

ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال به شرجيل ميمڻ جي سرجري يورپ مان ڪرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، اسپتال پاران رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شرجيل ميمڻ جي سرجري لاءِ ملڪ ۾ سهولت دستياب ناهي، يورپ مان سرجري ٿي سگهي ٿي سرجري وقت نه ٿي ته شرجيل ميمڻ معذور ٿي سگهي ٿو.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ شرجيل ميمڻ جي سرجري ڪرائڻ بابت هڪ خانگي اسپتال جي تجويز واري رپورٽ پيش ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ شرجيل ميمڻ جي سرجري واري سهولتن دستياب ناهي، جيڪا رڳو يورپ مان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شرجيل ميمڻ جي سرجري بروقت نه ٿي ته هو معذور ٿي سگهي ٿو.

جناح اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ شرجيل ميمڻ جي سرجري جي تجويز ڏني هئي جنهن کانپوءِ عدالت هڪ خانگي اسپتال کان معاملي تي تجويز طلب ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*