ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور ضلعي جي اڳوڻي ضلعي ناظم سليم جان مزاري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران ضلعي مان قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ ختم ڪرڻ وارو فيصلو عوام سان ناانصافي برابر آهي

kashmoor saleem jan

ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور ضلعي جي اڳوڻي ضلعي ناظم سليم جان مزاري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران ضلعي مان قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ ختم ڪرڻ وارو فيصلو عوام سان ناانصافي برابر آهي.

  ڪشمور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سليم جان مزاري چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران ضلعي مان قومي اسيمبلي جي سيٽ ختم ڪرڻ واري فيصلي خلاف عدالت ۾ وينداسين.

هن چيو ته ڪشمور ضلعي جو عوام اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي خلاف احتجاج جو حق رکي ٿو.

سليم جان مزاري چيو ته ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ 3  کان 4 لک ووٽرن تي ٻڌل قومي اسيمبلي جي تڪ ٺاهيو ويو پر ڪشمور ضلعي ۾ 11 لک ووٽرن تي ٻڌل تڪ ٺاهيو ويو آهي، جيڪا زيادتي آهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي اميدوار لاءِ 40 لک خرچ مقرر ڪيو آهي، جنهن سان غريب ماڻهو ڪيئن چونڊ وڙهي سگھي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*